متحده اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ملڪ ۾ جهنگ جو قانون آهي، طاقتور ۽ ڪمزور لاءِ ڌار ڌار قانون آهي.
احتساب عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي مصطفيٰ ڪمال چيو ته غريب ماڻهو عدالتن ۾ حاضريون ڀري ٿڪجي پون ٿا پر انهن کي انصاف نٿو ملي، عمران خان کي گهر ويٺي ضمانت ملي وڃي ٿي.
هن چيو ته عمران خان هن وقت رياست جي رٽ چيلينج ڪئي آهي، پر کيس ڪو به چوڻ وارو ناهي، 22 ڪروڙ عوام لاءِ قانون آهي پر عمران خان لاءِ ڪو به قانون ناهي.
متحده اڳواڻ چيو ته ملڪ جي نظام کي ٺيڪ ڪرڻ کانسواءِ ترقي ممڪن ناهي، موجوده صورتحال ۾ ملڪي معيشت وڌيڪ خراب ٿي رهي آهي.