ملڪ ۾ سون جي في تولي جي قيمت ۾ گهٽتائي ٿي وئي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اڄ ملڪ ۾ سون جي ملهه ۾ 3سئو رپيا گهٽتائي ٿيڻ بعد ملڪ ۾ في تولي سون جو ملهه 2لک 18 هزار رپيا ٿي ويو آهي.
ملڪ ۾ 10گرام سون به 275 رپيا سستو ٿي هڪ لک 86 هزار 900 رپين جو ٿي ويو آهي.
عالمي بازار ۾ سون 8 ڊالر في اونس مهانگو ٿي 2009 ڊالر تي آهي.
واضح رهي ته گذريل ڏينهن ملڪ ۾ سون جي في تولي جي قيمت ۾ 6سئو رپين جي واڌ ٿي هئي.