ملڪ ۾ سون جي قيمت تاريخ جي بلند ترين سطح تي پھچي وئي.
سون جي في تولي جي قيمت ۾ اڄ 5ھزار رپين جي وڏي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب موجب ۾ سون جي في تولي جي قيمت 2لک 14ھزار 500 رپيا ٿي وئي آھي.
ان کانسواءِ سون جي 10گرام جي قيمت ۾ 4ھزار 288 رپين جي واڌ بعد ھڪ لک 83 ھزار 900 رپين تائين پھچي وئي آھي.
عالمي بازار ۾ سون جي في اونس جي قيمت ۾ 12ڊالر وڌا بعد 1982ڊالر ٿي وئي آھي.