ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ اڄ ٻيھر واڌ ٿي وئي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، اڄ سون جي في تولي جي قيمت ۾ 7سئو رپين جي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، جڏھن تھ سون جو في تولو 2لک 8ھزار 7سئو رپيا ٿي ويو آھي.
10گرام سون جي قيمت ۾ 601رپين جي واڌ بعد 10گرام سون جي قيمت ھڪ لک 78 ھزار 927 رپيا ٿي وئي.
عالمي بازار ۾ سون جي قيمت ۾ 10ڊالر اضافي بعد 1981 ڊالر في اونس آھي.
واضح رھي تھ گذريل ڏينھن بھ سون جي في تولي جي قيمت ۾ ھڪ رپين جي واڌ ٿي ھئي.