ملڪ ۾ سون هڪ ڀيرو وري مهانگو ٿي ويو آهي.
سون جي اگهه ۾ اڄ هڪ تولي تي 12 سئو رپين جو اضافو ٿيو آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب سون جي في تولي تي 12 سئو رپين جي اضافي کانپوءِ ملڪ ۾ سون جي هڪ تولي جو اگهه 2 لک 9 هزار 5 سئو رپيا ٿي ويو آهي.
تنظيم موجب ڏهه گرام سون جو اگهه هڪ هزار 58 رپين جي اضافي سان هڪ لک 79 هزار 612 رپيا ٿي ويو آهي.
تنظيم موجب عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي في اونس جي اگهه ۾ هڪ ڊالر جو اصافو ٿيو آهي، جنهن بعد اُهو 1970 ڊالر ٿي ويو آهي.