ملڪ ۾ عام چونڊن 8 فيبروري تي ٿينديون، صدر ۽ اليڪشن ڪميشن چونڊن جي تاريخ تي اتفاق ڪري ورتو.
سپريم ڪورٽ جي هدايت تي اليڪشن ڪميشن جي وفد چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهيءَ ۾ صدر عارف علويءَ سان ملاقات ڪئي.
ملاقات دوران صدر سان عام چونڊن جي تاريخ بابت صلاح مشورا ڪيا ويا.
اليڪشن ڪميشن صدر عارف علوي آڏو عام چونڊن لاءِ 28 جنوري، 4 ۽ 11 فيبروري جون تاريخون رکيون.
صدر سان ملاقات بعد اليڪشن ڪميشن جو وفد واپس اليڪشن ڪميشن جي آفيس پهتو، جنهن بعد چيف اليڪشن ڪمشنر جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو.
اجلاس بعد چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا 11 فيبروري تي عام چونڊون ڪرائڻ جي تجويز ڏني.
چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا صدر عارف علويءَ کي خط لکيو.
خط ۾ چيو ويو ته سپريم ڪورٽ جي هدايتن تي عمل ڪندي هو عام چونڊون يارهن فيبروري تي ڪرائڻ جي تجويز ڏين ٿا.
اليڪشن ڪميشن جي تجويز بعد اٽارني جنرل اليڪشن ڪميشن جي آفيس پهتو، جنهن دوران ٻيهر اجلاس ٿيو.
اجلاس دوران عام چونڊن جي تاريخ تي صلاح مشورا ڪيا ويا، جنهن بعد ملڪ ۾ 8 فيبروري تي چونڊن جو ڪرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.
ايوان صدر ۽ اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل پڌائي ۾ چيو ويو ته سپريم وڪرٽ جي حڪم تي چيف اليڪشن ڪميشنر ۽ اٽارني جنرل جي صدر عارف علويءَ سان ملاقات ٿي.
ملاقات دوران صدر عارف علويءَ اليڪشن ڪميشڻ طرفان تڪبندين ۽ عام چونڊن بابت ڪيل اڳڀرائي کي ٻڌو.
پڌرائي ۾ چيو ويو ته تفصيلي بحث بعد ملڪ ۾ عام چونڊون 8 فيبروري 2024ع تي ڪرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو.