ملڪ ۾ مهانگائي وڌي وئي، هفتي دوران مهانگائي جي شرح ۾ هڪ ڏهائي 37 سيڪڙو اضافي سان مجموعي شرح 42 ڏهائي 27 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي.
شماريات کاتي پاران جاري ڪيل هفتيوار رپورٽ موجب هڪ هفتي دوران 29 عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو.
رپورٽ موجب هفتي دوران اٺن شين جي اگهن ۾ گهٽتائي ۽ 14 جون قيمتون برقرار رهيون.
شماريات کاتي موجب هفتي دوران 5 لٽر برانڊيڊ ڪوڪنگ آئل ۾ 136 رپيا 30 پيسا اضافو ٿيو، 20 ڪلو وارو اٽي جو ٿيلهو 70 رپيا، برانڊيڊ گيهه جو اڍائي ڪلو وارو دٻو 60 رپيا، ٽوٽا باسمتي چانور 2 رپيا 22 في ڪلو، کنڊ 5 رپيا 35 پيسا في ڪلو مهانگي ٿي.