ملڪ ۾ ڪٿي به شوال جو چنڊ نظر آيو، عيدالفطر 22 اپريل ڇنڇر تي ملهائي ويندي.
چنڊ ڏسڻي مرڪزي ڪميٽيءَ جو اجلاس چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد جي صدارت هيٺ اسلام آباد ۾ ٿيو، جنهن ۾ مختلف فرقن جي عالمن، مذهبي معاملن واري وزارت، اسپارڪو، موسميات ۽ سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي وارين وزارتن جا نمائندا به شريڪ ٿيا، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ زونل ڪميٽين جا اجلاس ٿيا.
اسلام آباد، ڪراچي، لاهور، پشاور ۽ ڪوئيٽا سميت ملڪ جي ڪنهن به علائقي مان شوال جو چنڊ نظر اچڻ جي شاهدي نه ملي.
زونل ڪميٽين طرفان مليل رپورٽن جو مرڪزي چنڊ ڏسڻي ڪميٽيءَ جي اجلاس دوران جائزو ورتو ويو.
اجلاس بعد چنڊ ڏسڻي ڪميٽيءَ جي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد اعلان ڪندي ٻڌايو ته ملڪ ۾ ڪٿي به شوال جو چنڊ نظر نه آيو، عيدالفطر 22 اپريل تي ڇنڇر ڏينهن ٿيندي.