ايس ايس پي شهيد بينظير آباد امير سعود مگسي منشيات وڪرو ڪندڙن جي سرپرستي ۽ ايراني تيل جي سمگلنگ ۾ ملوث پوليس اهلڪار کي نوڪري مان نيڪالي ڏئي ڇڏي آهي.
علي آباد ٿاڻي جي حد ۾ منشيات ۽ ايراني ڪچو تيل سمگلنگ ڪندڙ پوليس اهلڪار ظفر زرداري کي نوڪري مان فارغ ڪيو ويو.
علي آباد ٿاڻي تي پوليس اهلڪار خلاف ڪيس داخل ڪري کيس گرفتار ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ظفر زرداري منشيات وڪرو ڪندڙن جي سرپرستي ۽ ايراني ڪچو تيل سمگلنگ ڪندو هو.