وزيراعظم شهبازشريف مهانگائي جي ماريل عوام لاءِ وڏو رليف ڏيندي پئٽرول 6 رپيا 17 پيسا ۽ ڊيزل 10 رپيا 86 في لٽر سستو ڪري ڇڏيو.
وزيراعظم شهبازشريف جي منظوري بعد ناڻي واري وزارت تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو.
جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پئٽرول 6 رپيا 17 پيسا ۽ ڊيزل 10 رپيا 86 پيسا گهٽتائي ڪئي وئي آهي.
قميتن ۾ لاٿ بعد پئٽرول جو نئون اگهه 269 رپيا43 ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جو اگهه 272 رپيا 77 پيسا في لٽر ٿي ويو آهي.
ناڻي واري وزارت جي نوٽيفڪيشن موجب گاسليٽ جي اگهه ۾ 6 رپيا 32 پيسا ۽ لائٽ ڊيزل 5 رپيا 72 پيسا في لٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي.
گاسليٽ جي نئين قميت 177 رپيا 39 پيسا ۽ لائٽ ڊيزل 160 رپيا 53 پيسا في لٽر ملندو.