ڪرڪيٽر عمر اڪمل چيو آھي تھ مٿس تنقيد ڪندڙ ڪرڪيٽرن جا ھو راز ٻڌائي تھ مداح ڪرڪيٽ ڏسڻ ئي ڇڏي ڏيندا.
ھڪ يوٽيوب جي پوڊ ڪاسٽ ۾ عمر اڪمل شرڪت ڪئي جنھن دوران ھن پنھنجي زندگي سميت ڪرڪيٽ جي ڪيريئر تي ڳالھھ ٻولھھ ڪئي.
عمر اڪمل کان ميزبان سوال ڪيو تھ سندس وائرل ڊانس وڊيوز ۽ ٽڪ ٽاڪ وڊيوز جڏھن ھو ٺاھيندو آھي تھ ماڻھو ڇو تنقيد ڪندا آھن ؟
عمر اڪمل جواب ڏنو تھ جيڪڏھن انسان پنھنجي ڀينرن ۽ ڀائرن جي شادي تي انجواءِ نھ ڪندو تھ ڇا ٻاھر وارن جي شادي تي ڪندو ؟ جيڪڏھن ڪو شخص پنھنجي ويجھي عزيز جي شادي ۾ ڊانس ڪري ٿو تھ انھن ۾ خراب ڪھڙي ڳالھھ آھي ؟
ڪرڪيٽر عمر اڪمل چيو تھ جيڪي مٿس تنقيد ڪري رھيا آھن اھي ڪرڪيٽرز آھن ۽ ھو انھن سان گڏ کيڏي چڪو آھي، خدارا ايئن نھ ڪيو.
عمر اڪمل جو چوڻ ھو تھ کيس مجبور نھ ڪيو وڃي ۽ ھن وٽ تمام گھڻا راز آھن، جيڪڏھن اھي راز ٻاھر نڪتا تھ بلا جواز تنقيد ڪندڙن جي عزت نھ رھندي.
عمر اڪمل چيو تھ جيڪي سمجھن ٿا تھ اھو ننڍو آھي ۽ قابو ۾ اچي ويندو اھي ٻڌي ڇڏين ھاڻي ھو ننڍو نھ آھي ۽ سندس ٻارا آھن، جنھن لاءِ ھو اھي لفظ چئي رھيو آھي انھن وٽ پھچي ويا ھوندا، جيڪڏھن اھي ڳالھيون ٻاھر آيون تھ عوام ڪرڪيٽ ڏسڻ ئي ڇڏي ويندو.