ميانمار ۾ فوجي حڪومت مارشل لا جي خلاف جدوجھد ڪندڙ سياسي اڳواڻن ۽ مزاحمت ڪندڙن تي ھوائي حملا ڪيا جنھن جي نتيجي ۾ 100 کان وڌيڪ ماڻھو مارجي ويا آھن.
پرڏيھي ميڊيا رپورٽس موجب ميانمار جي فوج جي ويڙھاڪ جھازن ۽ ھيلي ڪاپٽرز ينگون جي علائقي تي بمباري ڪئي، اھو علائقو فوجي بغاوت خلاف مزاحمت جو ڳڙھھ سمجھيو ويندو ھو.
رپورٽس ۾ چيو ويو آھي تھ ملڪ ۾ فوجي بغاوت جي نتيجي ۾ قائم ٿيندڙ فوجي حڪومت جي خيال ۾ اھو اجتماع حڪومت مخالف عسڪري تنظيم جو ھو جنھن کي چيڀاٽڻ لاءِ ھوائي ڪارروائي ڪئي وئي.
فوجي حڪومت طرفان اجتماع تي ھوائي حملن ۽ مارجي ويلن ماڻھن بابت ڪو بھ تبصرو نھ ڪيو ويو آھي.
ھوائي حملي دوران زخمي ٿيل ھڪ شخص جو چوڻ آھي تھ فوج جي حملي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت ھڪ سئو کان وڌيڪ ماڻھو مارجي ويا آھن.
واضح رھي تھ ميانمار جي فوج پھرين فيبروري 2021ع تي جمھوري حڪومت جو تختو اونڌو ڪري اقتدار تي قبضو ڪري ملڪ جي حڪمران آن سان سوچي سميت وزيرن ۽ ٻين سياسي اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ھو.