پاڪستان ايئر فورس ٽريننگ ايئربيس ميانوالي تي دهشتگردن جي حملو ناڪام بڻايو ويو آهي، آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته سڪيورٽي فورسز بروقت ڪارروائي ڪري 9 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو، جوانن اثاثن جي حفاظت کي يقيني بڻايو، پهريان کان گرائونڊ ٿيل 3 جهازن ۽ هڪ فيول بائوزر کي نقصان پهتو، گڏيل ڪليئرنس ۽ ڪومبنگ آپريشن مڪمل ڪيو ويو آهي، پاڪ فوج هر قميت تي ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي.
آءِ ايس پي آر موجب، هوائي فوج جي ميانوالي ٽريننگ ايئر بيس تي صبح سوير حملو ڪيو جيڪو سڪيورٽي فورسز ناڪام بڻائي ڇڏيو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته دهشتگرد حملي تي سڪيورٽي تي مقرر اهلڪارن بروقت ۽ اثرائتي ڪارروائي ڪري اهم دفاعي اثاثن جي حفاظت کي يقيني بڻايو.
آءِ ايس پي آر موجب، حملي وقت سڪيورٽي اهلڪارن غير معمولي جرعت ۽ بروقت جوابي ڪارروائي جو مظاهرو ڪندي دهشتگردن کي بيس ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيو ۽ 9 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته حملي دوران پهريان کان گرائونڊ ٿيل 3 جهازن ۽ هڪ فيول بائوزر کي نقصان پهتو.
آءِ ايس پي آر موجب، علائقي کي مڪمل ڪليئر ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪليئرنس ۽ ڪومبنگ آپريشن مڪمل ڪيو ويو آهي، پاڪ فوج هر قميت تي ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي