ميرپور ساڪري ۾ ايمبولينس نه ملڻ سبب نينگر فوت ٿيڻ واري واقعي خلاف ٺٽي ۾ احتجاجي مارچ ڪري ڌرڻو هنيو ويو.
سول سوسائٽي جي سڏ تي مختلف سياسي سماجي ڌرين، قومپرست پارٽين ۽ ٻين طرفان ايڌي سينٽر کان احتجاجي مارچ ڪري رڪشا چوڪ تي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي وئي.
سيشن ڪورٽ ٺٽي جي وڪيلن به عدالتي ڪارروائي جو بائيڪاٽ ڪري احتجاجي مارچ ۾ شرڪت ڪئي.
عزيز سرواڻ، جاويد ميمڻ، جلال شاهه ۽ ٻين ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته ميرپور ساڪري اسپتال انتظاميه جي لاپرواهي سبب نينگر فوت ٿيو آهي.
هنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته غير ذميواري جو مظاهرو ڪندڙ عملي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.