ميرپورماٿيلي ۾ اٽو ذخيرو ڪندڙ دڪاندارن مٿان اي سي ۽ مختيارڪار ڇاپا ھڻي دڪانن کي سيل ڪري اٽو ضبط ڪري ورتو.
اٽي جو ھٿرادو بحران پيدا ڪري من پسند اگھه وٺندڙ دڪاندارن مٿان مختيارڪار محمد قاسم ڌونڌو ۽ اي سي محمد احمر ڇاپا ھڻي دوڪاندار واشو رام، ديانند، رام سميت 5 کان دوڪان سيل ڪيا.
ان سلسلي ۾ ميرپور مختيار ڪار رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته اٽو ذخيرو ڪرڻ ۽ وڌيڪ اگھن تي اٽو وڪرو ڪرڻ جا اطلاع مليا جنھن کانپوءِ نشاندهي تي ڄاڻايل پنجن دوڪاندارن جا دوڪان سيل ڪيا ويا آھن ۽ اٽو ضبط ڪيو ويو آھي.
وڌيڪ ڪاروائيون تيز ڪري ڇڏيون آھن، اٽو زخيروڪندڙ ۽ وڌيڪ اگھ تي وڪرو ڪندڙ دوڪاندارن مٿان قانون موجب ڪاروائي ڪئي ويندي.