ميرپور ماٿيلي جي عدالت ۾ شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
ڪچي ضمانت ختم ٿيڻ بعد پ پ ايم اين اي خالد لنڊ ٻن پٽن سميت دهشتگردي ٽوڙ عدالت پهچي ويو.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت جو جج موڪل تي هجڻ سبب پ پ ايم اين اي پٽن سميت گهوٽڪي جي سيشن ڪورٽ روانو ٿي ويو.
واضح رهي ته 5 ڏينهن اڳ پ پ ايم اين اي خالد لنڊ ۽ سندس ٻن پٽن سيشن ڪورٽ مان پنجن ڏينهن جي ڪچي ضمانت ڪرائي هئي.