ميرپورماٿيلو ۾ ٽن جوابدارن گهر ۾ گهڙي مبينا طور نينگري کي اغوا ڪري اجتمائي زيادتي جو نشانو بڻائڻ بعد کيس بيهوشي واري حالت ۾ ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا.
بينظير ڪالوني ۾ اڻڄاتل جوابدار مبينا طور 13 سالن جي نينگر کي اغوا ڪرڻ بعد لڄالٽ جو نشانو بڻائي فرار ٿي ويا.
پوليس واقعي جي شروعات رپورٽ داخل ڪري نينگري کي ميڊيڪل لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي.
نينگري جي والد جو چوڻ آهي ته رات دير سان سليم، عمران گبول سميت ٽن جوابدرن گهر ۾ گهڙي سندس نياڻي کي اغوا ڪرڻ بعد ڏاڍائي جو نشانو بڻايو آهي.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي شروعاتي رپورٽ داخل ڪري ڇڏي آهي، نينگري جي ميڊيڪل رپورٽ اچڻ بعد وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي.