مُلڪ ۾ سون جي في تولي جي قيمت ۾ وڌيڪ اضافو ٿي ويو.
سنده صرافا بازار جيولرز ايسوسي ايشن جي مطابق سوني جي في تولي جي قيمت ۾ 900 رُپين جو اضافو ٿيو آهي ۽ نئين قيمت 2 لک 2 هزار 400 رُپيا ٿي وئي آهي.
جڏهن ته 10 گرام سون اگهه ۾ 771 رُپين جي واڌ ٿيڻ بعد هڪ لک 73 هزار 525 رُپين جو ٿي ويو ۽ عالمي صرافا ۾ سون جي قدر ۾ 20 ڊالرز واڌ ٿيڻ بعد 1924 ڊالرز في اونس ٿي ويو.