مٺياڻي ويجھو ڪوريجا برادري جي ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار تان جهيڙي سبب ٽي ڄڻا قتل ٿي ويا ۽ 5 زخمي ٿي پيا.
فريدديرو ٿاڻي جي حد سھڙا جي ڪچي واري علائقي ۾ ڪوريجا برادري جي ٻن ڌرين وڪيل خير محمد ڪوريجو ۽ مير محمد ڪوريجو جي ڌرين ۾ ڪيترن ئي سالن کان ھلندڙ زميني تڪرار تان جھيڙو ٿي پيو.
فائرنگ سبب رجب عرف ڪالو، نواب عرف نبي مارجي ويا، جڏھن بدالرشيد مشوري سميت 5 زخمي ٿي پيا.
ٽن ڄڻن جي قتل بعد ڌريون مورچابند ٿي ويون ۽ هڪ ٻئي وقفي وقفي سان فائرنگ ڪئي وئي، جنهن سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو.
واقعي کانپوءِ مارجي ويلن مان ھڪ ڄڻي رجب عرف ڪالو جو لاش ۽ عبدالرشيد کي زخمي حالت ۾ اسپتال پهچايو ويو جڏھن تـ ٻيا زخمي ۽ لاش واقعي واري ھنڌ پيل رهيا.
پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پھچي وئي پرڌرين ۾ هلندڙ فائرنگ جو سلسلو رڪجي نه سگهيو.
ھوڏانھن فريدديرو پوليس رابطي تي ٻڌايو ته وڪيل خير محمد ڪوريجو واري ڌر ڪڻڪ جو فصل کڻڻ لاءِ پھتي ته مخالف ڌر مير محمد ڪوريجو جي ماڻھن مٿان فائرنگ ڪري ڏني.
پوليس موجب ھن وقت تائين ھڪ ڄڻي جو لاش ۽ ھڪ زخمي کي مورو اسپتال پھچايو ويو آھي،فائرنگ سبب نفري ڪچي ۾ نٿا لاھي سگھن، جلد صورتحال تي ضابطو آندو ويندو.