تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، پي ٽي آءِ کي آڇ ڪئي

- Advertisement -
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، پي ٽي آءِ کي آڇ ڪئي آهي ته تحريڪ انصاف کين 2018ع وارو مينڊيٽ واپس ڪري حڪومت ڪرڻ ڏي پوءِ 2024ع واري اليڪشن جو حساب ڪري. سينيٽ  اجلاس کي خطاب ڪندي اسحاق ڊار چيو ته جيڪو پوکيو ويندو آهي اهو ئي ڀوڳڻو پوي ٿو، پي ٽي آءِ 2024ع واري اليڪشن سان گڏ 2018ع واري اليڪشن جي به ڳالهه ڪري، 8 فيبروري واري اليڪشن تي اعتراضن بابت عدالتون موجود آهن. هن چيو ته پي ٽي آءِ کين 2018ع وارو مينڊيٽ واپس ڪري، هو اهو وٺي مدو پورو ڪندا پوءِ 2024ع واري اليڪشن جي ڳالهه ڪئي وڃي. اسحاق ڊار چيو ته اليڪشن ۾ هنن پي ٽي آءِ طرفان مقرر ڪيل چيف اليڪشن ڪمشنر مقرر ڪيو ۽ پي ٽي آ باني جيڪو چاهي پيو اهو ئي نادرا چيئرمين لڳايو. پرڏيهي وزير چيو ته جيڪڏهن 2024ع واري اليڪشن سان سينيٽرن تي اثر پيو ته 2018ع واري اليڪشن سبب به پيو هوندو. اسحاق ڊار چيو ته ڇا بشير ميمڻ کي گهرائي اهو نه چيو ويو ته هنن خلاف ڪيس داخل ڪيو، موجوده حڪومت ڪنهن لاءِ به ڪيس داخل ڪرڻ جو ناهي چيو. نائب وزيراعظم سوال ڪيو ته احتجاج لاءِ رڳو ڊي چوڪ جي چونڊ ڇو ڪئي وئي؟ چيني وزيراعظم جي آمد، ايس سي او ڪانفرنس ۽ بيلاروس جي صدر جي اچڻ دوران پي ٽي آءِ وارن احتجاج ڪيو.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
29.1 ° C
29.1 °
29.1 °
12 %
0.4kmh
3 %
خميس
29 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
31 °
آچر
29 °
سُومر
26 °

تازه ترين خبرون