تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

نادرا سينٽر لاڙڪاڻي ۾ هڪ شهري ۽ نادرا عملي وچ ۾ ٿيل منهن ماري واري وڊيو وائرل

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

لاڙڪاڻي جي نادرا سينٽر ۾ هڪ شهري ۽ نادرا عملي وچ ۾ ٿيل منهن ماري واري وڊيو وائرل ٿي وئي آهي.

لهر ڪالوني واري علائقي ۾ قائم نادرا سينٽر ۾ ڪارڊ ٺهرائڻ لاءِ آيل شهري محمد حسن ابڙي جي مبينا طور نادرا عملي سان منهن ماري ٿي پئي.

شهري محمد حسن ابڙي ۽ نادر عملي جي منهن ماري واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل آهي.

رابطي ڪرڻ تي نادرا سينٽر جي انچارج عبدالله ڀٽو ٻڌايو ته هڪ شهري اچي زبردستي ڪارڊ ٺهرائڻ لاءِ دٻاءُ وڌو، انڪار تي ڀڃ ڊاهه ڪئي.

الزام هيٺ شهري محمد حسن ابڙي حد جي حيدري ٿاڻي تي پهچي نادرا سينٽر جي عملي خلاف اين سي داخل ڪرائيندي موقف اختيار ڪيو ته نادرا سينٽر جي عملي بدتميزي ڪري ڌڪا ڏنا .

شهري محمد حسن ابڙي مطالبو ڪيو ته واقعي جي جاچ ڪري نادرا عملي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

پوليس موجب، نادرا سينٽر جي عملي طرفان ڪنهن به قسم جي اين سي يا شڪايت ٿاڻي تي داخل نه ڪرائي وئي آهي ۽ نه ئي سرڪاري طور تي ڪو ليٽر مليو آهي. پوليس جو چوڻ هو ته شهري محمد حسن ابڙي نادرا سينٽر جي عملي خلاف اين سي داخل ڪرائي آهي، معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
24.2 ° C
24.2 °
24.2 °
24 %
2kmh
70 %
آچر
24 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
30 °

تازه ترين خبرون