ناڻي واري وزارت هلندڙ سال اپريل جي معاشي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي جنهن موجب خرچن، مالي خساري ۾ اضافو ۽ ايڪسپورٽ، ٻاهران پئسو اچڻ ۽ سيڙپڪاريءَ ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
رپورٽ ۾ هلندڙ سال ۾ جولا کان مارچ تائين ملڪ جي معاشي ڪارڪردگيءَ جو جائزو ورتو ويو.
رپورٽ موجب ٻاهران ايندڙ رقم گهٽ ٿي 10 ڏهائي 8 سيڪڙو يعني 20 ڏهائي 5 ارب ڊالر رهي، جڏهن ته ايڪسپورٽ 11 سيڪڙو گهٽجي 21 ڏهائي هڪ ارب ڊالر رهي، اِن عرصي دوران مالي خسارو گذريل سال جي ڀيٽ ۾ وڌي 23 سئو 92 ارب ٿي ويو آهي.
ناڻي واري وزارت موجب سالياني ترقياتي فنڊ مان به 31 سيڪڙو گهٽتائي سان 287 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا، جڏهن ته پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ 98 سيڪڙو گهٽائي رڪارڊ ڪئي وئي.
رپورٽ موجب مارچ تائين ناڻي جي مٽا سٽا جا ذخيرا 10 ارب ڊالر وڇي بچيا، جڏهن ته مهانگائي جي شرح 27 ڏهائي 3 سيڪڙو رهي.