ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار ايڪنڪ جو اجلاس اڄ طلب ڪري ورتو، ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ 10 نڪاتي ايجنڊا تي غور ڪيو ويندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ لاهور-سيالڪوٽ موٽر وي لنڪ هاءِ وي جي منظوري جو امڪان آهي جڏهن ته ٽرانسپورٽ ۽ مواصلات جي ٽن ٻين منصوبن جو به جائزو ورتو ويندو.
ذريعن موجب، اسڪردو ۾ 26 ميگا واٽ جو هائيڊرو پاور پروجيڪٽ اجلاس جي ايجنڊا ۾ شامل آهي.
ڊجيٽل اڪانومي منصوبي ”ڊيپ“ جي منظوري جو به امڪان آهي، گومل زام ڪثيرالجهتي پروجيڪٽ جي ٻئين نظرثاني ڪيل پي سي ون تي به غور ٿيندو.
ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته اجلاس ۾ 45 سئو ميگا واٽ ديا مير ڀاشا ڊيم منصوبي جي پاور جنريشن فيسلٽي جي منظوري جو به امڪان آهي.