ندا ڊار کي پاڪستان وومينز ڪرڪيٽ ٽيم جو ڪپتان مقرر ڪيو ويو آھي.
پي سي بي مارڪ ڪولز کي ٻيھر وومينز ٽيم جو ھيڊ ڪوچ ۽ سليم جعفر کي چيف سليڪٽر مقرر ڪري ڇڏيو.
پاڪستان وومينز ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان بسمھ معروف گذريل مھيني وومينز ٽيم جي ڪپتاني ڇڏيڻ جو اعلان ڪيو ھو، پي سي بي چيئرمين نجم سيٺي ندا ڊار کي ٽيم جو ڪپتان بڻائڻ جي منظوري ڏني ھئي.
ندا ڊار جو چوڻ آھي تھ پاڪستان وومينز ٽيم جي ڪپتاني ڪرڻ سندس لاءِ اعزاز آھي، بسمھ معروف بھ مبارڪن جي لائق آھي جنھن پنھنجي دور ۾ بھترين ڪپتاني ڪئي.