تازه ترين

ننگرپارڪر ۾ ڳوٺاڻن پاران کارسر جبل جي امڪاني ڪٽائيءَ واري فيصلي خلاف احتجاجي مظاهرو

ننگرپارڪر ۾ ڳوٺاڻن پاران کارسر جبل جي امڪاني ڪٽائيءَ واري فيصلي خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ڳوٺاڻن پاران پونم سنگهه، ساگر خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾  کارسر جبل جي ٽڪري تي هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي.

احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هو  کارسر کي ڪارونجهر سمجهن ٿا، کارسر جبل ڪٽڻ سان فطرت متاثر ٿيندي  ۽ سندن عبادت گاھن جو به نقصان ٿيندو.

هنن چيو ته هن جبل اندر سندن وڏڙن جو قبرون به آهن ۽ پيئڻ جي پاڻي جو ذريعو کارسر جبل آهي.

سندن چوڻ هو ته ڪٽائيءَ ڪرڻ سان ڳوٺ کارسر سميت ڀرپاسي جا علائقا گهڻو متاثر ٿيندا.

احتجاج ڪندڙ ڳوٺاڻن چيو ته کارسر جبل پنهنجي هڪ الڳ تاريخ ۽ اهميت رکي ٿو، کارسر جبل سندن جياپي جو ڪارڻ آهي، ڪٽائيءَ ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪندا، جدوجهد جاري رکندا.

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
2,199FollowersFollow
12,215FollowersFollow
123,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
16.1 ° C
16.1 °
16.1 °
19 %
1.3kmh
0 %
خميس
16 °
جمعو
17 °
ڇنڇر
17 °
آچر
17 °
سُومر
16 °

تازه ترين خبرون