نوابشاهه ويجهو تيز رفتار ڊمپر جي ٽڪر ۾ عورت ۽ سندس ٻارڙو فوت ٿي ويا ۽ هڪ نوجوان زخمي ٿي پيو.
خير شاهه اسٽاپ وٽ تيز رفتار ڊمپر جي ٽڪر ۾ عورت ۽ ٻارڙو فوت ٿي ويا ۽هڪ نوجوان زخمي ٿي پيو آهي.
اطلاع تي پوليس حادثي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش ۽ زخميءَ کي کڻائي پي ايم يو اسپتال منتقل ڪيو ، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا.