اڳوڻي وزيراعظم ۽ ن ليگ جي قائد نوازشريف چيف جسٽس عمر عطابنديال کان فوري طور استعيفيٰ ڏيڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
ٽوئيٽ بيان ۾ نواز شريف جو چوڻ ھو تھ عدالتون قومن کي بحرانن مان ڪڍنديون آھن نھ وري بحرانن ۾ ڌڪينديون آھن.
ھن چيو تھ چيف جسٽس خبر نھ آھي تھ ڪھڙو اختيار استعمال ڪري اڪثريتي فيصلي تي اقليتي راءِ مڙھي.
نوازشريف چيو تھ پنھنجي منصب ۽ آئين جي توھين ڪندي پي ٽي آءِ جي ايجنڊي کي اڳتي وڌائڻ وارو چيف جسٽس وڌيڪ تباھي ڪرڻ بدران فوري طور تي استعيفيٰ ڏئي.