پاڪستان مسلم ليگ ن جو قائد ميان محمد نواز شريف عمري جي سعادت حاصل ڪرڻ لاءِ لنڊن کان سعودي عرب پهچي ويو.
سعودي عرب جي ڪنگ عبدالعزيز ايئرپورٽ تي پهچڻ وقت حسن نواز، مريم نواز ۽ ٻين نواز شري فجو استقبال ڪيو
واضح رهي ته نواز شريف رمضان المبارڪ جو آخري ڏهو سعودي عرب ۾ پنهنجي گهر ڀاتين سان گڏ گذاريندو ۽ عمري جي سعادت به حاصل ڪندو، مريم نواز اڳ ئي لاهور کان جده پهچي چڪي آهي.
ذريعن موجب نوازشريف ۽ مريم نواز سعودي عرب جي دوري دوران شاهي خاندان جا خاص مهمان هوندا، نواز شريف عيد کانپوءِ برطانيه واپسي کان اڳ ڪجهه ڏينهن دوحه ۾ به ترسندو.
واضح رهي ته سعودي شاهي اختيارين مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف سان گڏ وزيراعظم شهباز شريف کي عمري جي دعوت ڏني آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف جو خاندان اڳ ئي جده ۾ موجود آهي، جڏهن ته وزيراعظم جي 26 رمضان تي سعودي عرب پهچڻ جو امڪان آهي.