جي يو آءِ اڳواڻ راشد محمود سومري چيو آهي ته نيازي حڪومت ماڻھن کي بک بدحالي ۽ ملڪ کي قرض کانسواءِ ڪجھ نه ڏنو، ايندڙ اليڪشن 18 نقطن تي ٻڌل ايجنڊا تحت وڙھندا، سنڌ جا ٻيٽ ۽ وسيلا کپائي پ پ حڪومت پنھنجو پيٽ ڀريو، اقتدار ۾ اچي سڀ حساب ورتا ويندا.
شڪارپور ۾ امن مارچ ۽ جلسي کي خطاب ڪندي راشد محمود سومري چيو ته سنڌ ۾ ايندڙ حڪومت جي يو آءِ جي ھوندي ۽ هو شڪارپور کي ايندڙ اليڪشن ۾ سرپرائز ڏيندا، ڪچي جي ڌاڙيلن کان پڪي جي ڌاڙيلن جو عوام لاءِ آزار وڌيڪ آھي.
هن چيو ته شڪارپور پوليس کي امن لاءِ ھڪ سال ۾ 2 ارب 41 ڪروڙ 44 لک 55 ھزار رپيا بجيٽ ڏني وئي، شڪارپور جو ايس ايس پي آھي الائي مسخرو آھي،ضلعي کي ڪا ڪاري نظر لڳل آھي جو اھڙي قسم جا ايس ايس پي شڪارپور موڪليا وڃن ٿا.
سندس چوڻ هو ته شڪارپور جي سرڪاري اسپتالن کي غريبن جي مفت علاج لاءِ ھڪ سال ۾ 2 ارب 17 ڪروڙ 10 لک 65 ھزار رپيا ڏنا ويا، سرڪاري اسپتالن ۾ بخار جي ٽڪي به غريبن لاءِ موجود ناھي.
راشد محمود سومري چيو ته شڪارپور ضلعي جي تعليم لاءِ مجموعي طور ھڪ سال ۾ 8 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا آھن پر تعليم تباھ آهي ۽ فرنيچر گم ۽ اسڪول جون عمارتون کنڊرات بڻجي چڪيون آھن
هن چيو ته شڪارپور منشيات جو ڳڙھ بڻجي چڪو آھي، شڪارپور جا سياستدان گٽرن،روڊن رستن ۽ گھٽين جي صفائي جا پئسا به کائي ويا آهن.
سندس چوڻ هو ته شڪارپور ۾ برسات متاثرن جي آيل سامان ۾ ڪرپشن ڪئي وئي آهي ۽ اربين رپيا سنڌ سرڪار ھڙپ ڪري وئي.
راشد محمود سومري چيو ته سنڌ ۾ قبائلي جھيڙن جي ذميوار پ پ سرڪار آھي، ڌارين کي سنڌ مان نيڪالي ڏني ويندي، هو سنڌ جون زمينون ۽ پھاڙ کپائڻ نه ڏيندا، غريبن جي مال جان ۽ عزتن جي چوڪيداري ڪندا.