نيب، تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان کان القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ جاچ جي باضابطه طور شروعات ڪري ڇڏي آهي.
نيب جي جاچ ٽيم زباني سوال جواب ڪرڻ سان گڏ ڪيس بابت سوالنامو عمران خان حوالي ڪري ڇڏيو.
نيب ٽيم، عمران خان کان زمين خريد ڪرڻ، اختيارن جي ناجائز استعمال، فارن فنڊنگ ۽ ٻين سوالن جا جواب گهري ورتا.
پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان تي القادر ٽرسٽ ۾ مبينا ڪرپشن جو الزام آهي.
پوليس لائنز اسلام آباد کي سب جيل قرار ڏئي اتي تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان کي رکيو ويو آهي.
پوليس لائنز اسلام آباد جي سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪيا ويا آهن.
احتساب عدالت عمران خان جو 8 ڏينهن جو رمانڊ منظور ڪندي ڊاڪٽر فيصل ۽ وڪيلن کي عمران خان سان ملاقات جي اجازت ڏئي ڇڏي.
احتساب عدالت نيب حراست ۾ موجود عمران خان کي پنهنجي گهرواري بشريٰ بي بي سان فون تي ڳالهائڻ جي به اجازت ڏئي ڇڏي.