ماحولياتي تبديلين واري وفاقي وزير شيري رحمان چيو آهي ته نيب طرفان عمران خان جي گرفتاري بعد تحريڪ انصاف جو رد عمل ڳڻتي ۽ مذمت جوڳو آهي.
سماجي رابطن واري ويب سائٽ ٽوئٽر تي ٽوئٽ ڪندي شيري رحمان چيو ته هڪ قانوني گرفتاريءَ بعد اهڙي قسم جا پر تشدد احتجاج ڪڏهن ناهي ڏٺو، فوجي عملدارن جي رهائشگاهن ۽ حساس اداري تي چڙهائي احتجاج نه پر حملو آهي.
هن چيو ته پي ٽي آءِ افسوس جوڳي تاريخ لکي آهي، عمران خان پنهنجي دور ۾ سمور مخالفن کي گرفتار ڪيو پر هنن ڪڏهن به ملڪ ۾ ڀڃ ڊاهه نه ڪئي.
شيري رحمان چيو ته شهيد راڻي جي شهادت بعد به ماڻهن جي ڪاوڙ گهٽ ڪرڻ لاءِ آصف علي زرادري پاڪستان کپي جو نعرو هنيو،پر تحريڪ انصاف پاڪستان بند ڪريو جا نعرا ۽ ٽرينڊ هلايا.
وفاقي وزير چيو ته عمران خان ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار ٿيو آهي، جيڪڏهن هو بيڏوهي آهن ته جهڙتي ڏي ۽ پنهنجي بيگناهي ثابت ڪري.
شيري رحمان چيو ته ڏڦيڙ ۽ ڀڃ ڊاهه سان بيگناهي ثابت نه ٿيندي.