پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي مئنجمينٽ ڪميٽي جي سربراھھ نجم سيٺي چيو آھي ته نيوزيلينڊ خلاف پاڪستان جي ھوم سيريز جي شيڊول ۾ تبديلي ڪئي وئي آھي.
لاھور ۾ پريس ڪانفرنس ۾ نجم سيٺي چيو ته نيوزيلينڊ خلاف ھوم سيريز ضرور ٿيندي، سيريز جي شيڊول ۾ تبديلي ٿي رھي آھي ۽ اھا تبديلي پنجاب ۾ اليڪشن جي ڪري ڪئي پئي وڃي، ايندڙ ھفتي نئون شيڊول جاري ڪيو ويندو.
پي سي بي جي چيئرمين نجم سيٺي پي ايس ايل 8کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ سمورن ادارن جا ٿورا مڃيندي چيو ته ٽڪٽ جي ريڪارڊ سيل ٿي آھي، ڊجيٽل تي به ريٽنگ 10 تي رھي جيڪا آءِ پي ايل کان اڳتي آھي.
ھن چيو ته سندس خواھش آھي ته ليگ ۾ وڌيڪ 2 ٽيمون شامل ٿين، وومن ليگ به ڪرائڻ جو ارادو آھي.
ھن وڌيڪ چيو ته دبئي ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ ايشيا ڪپ، ورلڊ ڪپ ۽ چيمپئنز ليگ جي باري ۾ ڳالھيون ٿينديون، جيڪڏھن پاڪستاني ٽيم ڀارت وئي ته سڪيورٽي کانسواءِ ميڊيا سان گڏ وڃڻ جي اجازت گھري ويندي.