تازه ترين

نيوزيلينڊ پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جي پهرين ميچ ۾ پاڪستان کي 46 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

آڪلينڊ ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان شاهين شاهه آفريدي پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ نيوزلينڊ خلاف ٽاس کٽي پهريان بالنگ جو فيصلو ڪيو.

نيوزيلينڊ طرفان فن ايلن ۽ ڊيوڊ ڪونوي اننگز جي شروعات ڪئي پر ٻئي بال تي شاهين آفريدي ڊيوڊ ڪونوي کي ڪيچ آئوٽ ڪرائي ڇڏيو جڏهن ته اننگز جي ٽئين اوور ۾ شاهين آفريدي 24 رنسون ڏنيون.

پاڪستاني رانديگرن طرفان ڪيچ ڊراپ ۽ مس فيلڊنگ ڪئي وئي جنهن جو ڪيوي بيٽرن ڀرپور فائدو ورتو ۽ مقرر اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 226 رنسون ٺاهي پاڪستان کي کٽڻ لاءِ 227 رنسن جو حدف ڏنو.

پاڪستان طرفان ڪپتان شاهين آفريدي ۽ ڊيبيو ڪندڙ عباس آفريدي 3، 3 وڪيٽون حاصل ڪيون جڏهن ته حارث رئوف ٻن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو.

پاڪستان طرفان اننگز جي شروعات صائم ايوب ۽ محمد رضوان ڪئي جڏهن ته 33 رنسن تي صائم ايوب 8 بالن تي ٽن ڇڪن ۽ ٻن چوڪن جي مدد سان 27 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو.

محمد رضوان به 25 رنسون ٺاهي ٽم سائوٿي جي بال تي ڪيچ آئوٽ ٿيو جڏهن ته فخر زمان به 15 رنسون ٺاهي سگهيو.

افتخار احمد 24 رنسون ٺاهي پويلين موٽيو ۽ اعظم خان 10 رنسن جي اننگز کيڏي.

اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم ٻن ڇڪن ۽ ڇهن چوڪن جي مدد سان 57 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو جڏهن ته ڪپتان شاهين شاهه آفريدي بنا ڪنهن رنس ٺاهڻ جي پويلين موٽيو.

پاڪستان جي ڪرڪيٽ ٽيم 227 رنسن جو حدف حاصل ڪندي 180 رنسن تي ڍير ٿي وئي ۽ پهرين ميچ 46 رنسن تان ڪيويز پنهنجي نالي ڪري ورتي.

نيوزيلينڊ طرفان ٽم سائوٿي 4، ايڊم ملني ۽ بين سيئرز ٻن ٻن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو

لاڳاپيل خبرون

1,523,504FansLike
46,929FollowersFollow
209FollowersFollow
12,215FollowersFollow
105,000SubscribersSubscribe
Pakistan
overcast clouds
10.1 ° C
10.1 °
10.1 °
24 %
2.5kmh
88 %
اربع
9 °
خميس
12 °
جمعو
12 °
ڇنڇر
12 °
آچر
11 °

تازه ترين خبرون