نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي بجلي 34 پيسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن سان بجلي جي واهپيدارن تي 2 ارب 90 ڪروڙ رپين جو اضافي ٻوجهه پوندو.
نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي بجلي 34 پيسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
نيپرا طرفان بجلي جي قيمت ۾ اضافو مارچ مهيني جي فيول ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ ڪيو ويو.
واڌ بعد بجلي جي واهپيدارن تي 2 ارب 90 ڪروڙ رپين جو اضافي ٻوجهه پوندو.
نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگوليٽري اٿارٽي موجب، بجلي جي قيمت ۾ اضافو لائف لائن ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي واهپيدارن تي لاهو نه ٿيندو.
نيپر جو چوڻ آهي ته بجلي جي واهپيدارن کي مئي جي بلن ۾ اضافي ادائگيون ڪرڻيون پونديون.