تازه ترين

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ، ٽيڪس جي بي ترتيب نظام کي بجلي جي بلن ۾ اضافي جو سبب قرار ڏئي ڇڏيو

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ، ٽيڪس جي بي ترتيب نظام کي بجلي جي بلن ۾ اضافي جو سبب قرار ڏئي ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته بجلي جي بلن ۾ اضافو ٽيڪس جي بي ترتيب نظام هن مسئلي جي نشاندهي ڪري رهيو آهي ۽ ڪنهن ٽيڪس جي بي ترتيب نظام طرفان ڌيان ئي نه ڏنو، نگران ڪابينا ۾ بهتر ماڻهو جي چونڊ ڪئي وئي آهي، ملڪن تي ڏکيون حالتون اينديون رهنديون آهن، 1970ع ۾ اسرائيل ۾ ناڻي جي واڌ هڪ هزار سيڪڙو وڌي هئي.

اسلام آباد ۾ سينيئر صحافين ۽ اينڪرز سان ملاقات ۾ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل بابت سوالن جا جواب ڏيندي انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته ماڻهن جو ملڪ کان ٻاهر وڃڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي، ملڪ جو سوشل اسٽرڪچر تباهه ٿيڻ جو ڪو سبب نظر نه اچي رهيو آهي.

سندس چوڻ هو ته معيشيت جا مسئلا هر ملڪ ۾ هوندا آهن، هو معاشي مسئلن جي حل لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن، نگران وفاقي ڪابينا ۾ باصلاحيت ماڻهو موجود آهن.

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته حڪومت معيشيت جي بهتري لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، دنيا معدني ذريعن سان پنهنجي معيشيت کي مضبوط ڪيو، معدني شعبي ۾ 5 کان 6 ٽريلين ڊالر جي صلاحيت موجود آهي.

هن چيو ته زراعت جي شعبي جي ترقي لاءِ جديد طريقي سان ڪم ٿي رهيو آهي، دفاعي پيداوار جي شعبي جي صلاحيت کي به وڌائي رهيا آهن، گڏجي پختي عزم سان ملڪي ترقي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو.

نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ چيو ته بجلي جي بلن ۾ اضافو ٽيڪس جي بي ترتيب نظام هن مسئلي جي نشاندهي ڪري رهيو آهي ۽ ڪنهن ٽيڪس جي بي ترتيب نظام طرفان ڌيان ئي نه ڏنو، ٽيڪس اوڳاڙي جي نظام ۾ ترتيب آڻڻ جي ضرورت آهي، ايس آءِ ايف سي تحت 60 کان 70 بلين ڊالرز جي سيڙپڪاري جي اميد آهي، خصوصي سيڙپڪار سهولت ڪائونسل ذريعي سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻي آهي، سيڙپڪاري لاءِ اهم ترجيحي شعبن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي…….

لاڳاپيل خبرون

1,523,009FansLike
46,929FollowersFollow
0FollowersFollow
12,158FollowersFollow
100,000SubscribersSubscribe
Pakistan
clear sky
25.8 ° C
25.8 °
25.8 °
33 %
2kmh
0 %
آچر
26 °
سُومر
26 °
اڱارو
24 °
اربع
27 °
خميس
28 °

تازه ترين خبرون