تازه ترين
ميرپورخاص جي بااثر ٽرانسپورٽر قيدي سلامت لاکو کي حيدرآباد جيل مان ميرپورخاص جيل موڪلڻ جيل عملدارن کي... ٽرمپ انتظاميا 43 ملڪن جي شهرين تي سفري پابندين جي تجويزن تي غور ڪري رهي آهي سنڌ سرڪار عورتن کي مفت پنڪ اسڪوٽيز ڏيڻ جو اعلان 190 ملين پائونڊ جي رقم قومي ناڻي ۾ منتقل ڪرڻ تي اڳوڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جا ٿورائتا آهن: وزيرا... بلاول ڀٽو زرداري، وزيراعظم شهباز شريف کان نيشنل ايڪشن پلان ٽو ٺاهڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو وڏي وزير چولستان سميت سنڌو درياھه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي کي غير قانوني، غير آئيني ۽ 91ع واري ٺا... ڪراچي جي شهرين لاءِ بجلي جي في يونٽ قيمت ۾ چئن رپين کان وڌيڪ گهٽتائي جو امڪان وزيراعظم اهم دوري تي ڪوئيٽا پهچي ويو، جتي هو دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندو بلوچستان ۾ آپريشن جو فيصلو اعليٰ قيادت ۽ بلوچستان جي اسٽيڪ هولڊرن سان گڏجي ڪيو ويندو : خواجه آصف سنڌو درياهه جو پاڻي انڊس ڊيلٽا ۾ ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري ساحلي پٽي سونهن وڃائي ويراني جو ڏيک ڏيڻ لڳي

نگران وفاقي سرڪار گيس جي قيمتن ۾ اضافي جي منظوري ڏئي ڇڏي

نگران وفاقي سرڪار گيس جي قيمتن ۾ اضافي جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن بعد پيٽروليم ڊويزن قيمتن ۾ واڌ جي حوالي سان پڌرائي جاري ڪري ڇڏي آهي.

پيٽروليم ڊويزن جي پڌرائي موجب گيس جون نيون قيمتون  پهرين نومبر کان لاڳو هونديون.

پيٽروليم ڊويزن جي پڌرائي موجب پروٽيڪٽڊ واهپيدار لاءِ فڪسڊ چارجز 10 رپين مان وڌائي 4 سئو رپيا مقرر ڪئي وئي ۽ نان پروٽيڪيڊ  گهريلو واهپيدارن لاءِ گيس جي قيمت ۾ 172 سيڪڙو اضافو ڪيو ويو.

توانائي واري وزارت جو چوڻ آهي ته پروٽيڪٽڊ صارفين جي لاءِ ماهوار بل 900 روپين کان وڌيڪ نه هوندو، تندور جي لاءِ به گيس جي قيمتن ۾ اضافو نه ڪيو ويو.

توانائي واري وزارت وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ گيس جا ذخيرا ساليانو 5 کان 10 سيڪڙو گهٽجي رهيا آهن، نگران سرڪار لاءِ گيس جي قيمتن ۾ اضافي جو فيصلو ڏکيو هو.

جاري ڪيل پڌرائي موجب آءِ ايم ايف پروگرام ۾ شامل ٿيڻ سبب سموري سبسڊي واپس ورتي وئي آهي، مهانگي گيس سستي قيمت تي ڏيڻ سان هر سال 400 ارب جا گردشي قرض وڌي رهيا آهن.

پيٽروليم ڊويزن جو چوڻ آهي ته اتر ۽ ڏکڻ جي انڊسٽري جي لاءِ ه فرق گهٽ ڪيو ويو آهي.

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_instagram="46929" manual_count_facebook="1523504" manual_count_tiktok="2199"]
Pakistan
clear sky
11 ° C
11 °
11 °
42 %
0.3kmh
10 %
آچر
16 °
سُومر
19 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
21 °

تازه ترين خبرون