پي ٽي آءِ چيئرمين عمرن خان چيو آھي ته ن ليگ اڄ ٻيھر سپريم ڪورٽ ۽ چيف جسٽس کي ڌمڪيون ڏئي رھي آھي، ھو ڳالھين لاءِ تيار آھن پر آئين ۽ قانون کان پوئتي ھٽي ڪا به ڳالهه نه ڪئي ويندي.
صحافين سان ڳالھائيندي عمران خان چيو ته ن ليگ ليگ اليڪشن کان ڊڄي ٿي، صاف ۽ شفاف اليڪشن سمورن مسئلن جو حل آھي.
ھن چيو ته فوج سندس پنھنجي آھي ۽ پاڪستان سڀني جو آھي، عدليا جي آزادي ۽ آئين تي ڪو بھ ٺاھھ نھ ڪيو ويندو.
عمران خان جو چوڻ ھو ته جمھوريت لاءِ تحريڪ انصاف آخري حد تائين ويندي، وڪيلن جي تحريڪ ۾ سموري قوم گڏ ھئي، مضبوط پاڪستان لاءِ مضبوط فوج انتھائي ضروري آھي، قومي ادارا ۽ سندن مضبوطي پھرين ترجيح آھي.
پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو تھ سندن ھزارين ورڪرن کي گھرن مان کنڀيو ويو آھي، اھي ڪارڪن ڪٿي آھن ان بابت ڪنھن کي بھ ڪا ڄاڻ نھ آھي.
ھن وڌيڪ چيو تھ ھو چاھي ٿو تھ ضرورت پوڻ تي قوم آئين، جمھوريت ۽ قانون جي حڪمراني جي دفاع لاءِ روڊن تي نڪرڻ لاءِ تيار رھي، ھو انھن سمورين سياسي پارٽين سان ڳالھيون ڪندو جيڪي سازش خلاف ساڻن گڏ بيھڻ لاءِ تيار آھن.
عمران خان جو چوڻ ھو تھ وڪيل برادري کي ھو اپيل ڪري ٿو تھ پاڪستان جي آئين ۽ قانون جي حڪمراني جي تحفظ لاءِ اڳيتي وڌي، وڪيل برادري 2007 جي تحريڪ دوران اڳتي وڌي ڪردار ادا ڪيو ھو…………