پي ٽي آءِ اڳواڻ اسد عمر چيو آهي ته ن ليگ فل ڪورٽ جوڙڻ جو جواز ڄاڻائي سپريم ڪورٽ جو فيصلو قبول ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
جاري ڪيل بيان ۾ اڳوڻي وفاقي وزير اسد عمر چيو ته سپريم ڪورٽ جي قائدن موجب اهڙا ڪيس ٻه رڪني بينچ به ٻڌي سگهي ٿي.
هن چيو ته ملڪ ۾ قانون کي مڪمل طور معطل ٿي ويو آهي، اغوا، ڦر ۽ ڌاڙن جون وارداتون روز جو معمول بڻيل آهن.
پي ٽي آءِ اڳواڻ چيو ته شهرين کي اغوا جو ڪرڻ جو وارداتون ڪچي واري علائقي ۾ نه پر ڪراچي، لاهور، پشاور ۽ ڪوئيٽا جهڙن وڏن شهرن ۾ ٿي رهيون آهن.
هن چيو ته حڪمرانن جو سمورو ڌيان ڪرپشن ڪرڻ ۽ مخالفن کي انتقام جو نشانو بڻائڻ تي لڳل آهي.