سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ن ليگ ڪڏهن به اهڙو ردعمل ناهي ڏنو جيڪو گذريل ڏينهن عمران خان جي گرفتاريءَ تي تحريڪ انصاف ڏنو آهي، پي ٽي آءِ جيڪو ڪجهه ڪري رهي آهي اهو ملڪ گذريل ڪيترن ئي ورهين کان ڏسي رهيو آهي.
جاري ڪيل بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته عمران خان کي ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.
سندس چوڻ هو ته عمران خان کي القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ گهٽ ۾ گهٽ 15 نوٽيسز اماڻيا ويا هئا، نيب ڪيس جي جاچ ڪري رهي آهي.
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان نيب کي گهربل هو، القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ عمران خان کي جواب داخل ڪرڻو هو، پر هو ڪيس ۾ پيش نه ٿي رهيو هو.
هن چيو ته عمران خان جي گرفتار ٿيڻ بعد جهڙي طرح ردعمل آيو اهو سڄي ملڪ ڏٺو، پي ٽي آءِ اڳواڻ پنهنجي ڪارڪنن کي وڳوڙ ڪرڻ جي هدايت ڏيندا رهيا.
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ گذريل ڏينهن جيڪو ڪيو ڇا اهو عوامي رد عمل هو؟، اهو رٿابندي تحت ڪيو ويو.
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته تحريڪ انصاف وارا اڄ چئي رهيا آهن ته جيڪو گذريل ڏينهن ٿيو اهو هنن ناهي ڪيو. گذريل ڏينهن ڇو نه چئي رهيا هئا ته هي ماڻهو سندن جا ناهن.
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جا ماڻهو عوامي ۽ رياستي ملڪيتن کي نقصان پهچائي رهيا هئا، سندن اڳواڻن ڇو نه روڪيو، ڪابه سياسي پارٽي اهڙي طرح جو ردعمل ناهي ڏيندي.
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو ته نواز شريف، مريم نواز، شهباز شريف، شاهد خاقان عباسي، راڻا ثناءُ الله، سعد رفيق ۽ ٻين اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو هو، شهباز شريف کي صاف پاڻي ڪيس ۾ گهرايو ويو ۽ آشيانه ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو.
هن چيو ته عمران خان جي گرفتاري بعد سندس باقائده ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرايو ويو، سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائيندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.