مسلم ليگ نون جي اڳواڻ طلال چوڌري چيو آهي ته هر آڊيو کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، آڊيوز جي جاچ ڇو نه ٿي رهي آهي، 2018ع ۾ عمران خان کي ملڪ تي مڙهيو ويو، هڪ ڀيرو ٻيهر کيس ملڪ تي مڙهڻ لاءِ ماحول تيار ڪيو پيو وڃي، عمران خان کي هاڻي ملڪ تي ٻيهر مڙهڻ نه ڏنو ويندو، جيڪو فيصلو آئين موجب نه هوندو ان کي نه مڃيو ويندو، ملڪ کي آئين موجب هلائڻ جي ضرورت آهي.
فيصل آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي طلال چوڌري نئين آڊيو بابت مطالبو ڪندي چيو ته آئين ۾ سس جي چوڻ فيصلا ڪرڻ جو حڪم ناهي ڏنو ويو، چيف جسٽس کي استعيفيٰ ڏيڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته جيڪو فيصلو آئين موجب نه ٿيندو ڪوبه نه مڃيندو، ملڪ کي آئين موجب هلائڻ جي ضرورت آهي.
ن ليگ اڳواڻ طلال چوڌري چيو ته منظر عام تي آيل نئين آڊيو سندن موقف جي حمايت ڪري رهي آهي، هر آڊيو کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، آڊيوز جي جاچ ڇو نه ٿي رهي آهي، هر آڊيو کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي.
هن چيو ته 2017 ۽ 2018ع ۾ جيڪا راند کيڏي وئي هاڻي اها ٻيهر نٿي کيڏي سگهجي، نئين آڊيو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ن ليگ سان زيادتيون ڪيون ويون.
سندس چوڻ هو ته مسلم ليگ نون جي قيادت سان ناانصافيون ڪيون ويون ماحول بڻائي اهل قيادت کي نااهل ڪيو ويو جڏهن ته نااهل کي اهل بڻائي ملڪ تي مڙهيو ويو.
مسلم ليگ نون جي اڳواڻ طلال چوڌري چيو ته 2018ع ۾ عمران خان کي ملڪ تي مڙهيو ويو، هڪ ڀيرو ٻيهر کيس ملڪ تي مڙهڻ لاءِ ماحول تيار ڪيو پيو وڃي، عمران خان کي هاڻي ملڪ تي ٻيهر مڙهڻ نه ڏنو ويندو.