ماحولياتي تبديلي واري وفاقي وزير شيري رحمان چيو آهي ته گڏيل قومن جي خوراڪ ۽ زراعت بابت تنظيم جي رپورٽ موجب پاڪستان سخت برساتن جي خطري وارن ويهن ملڪن جي لسٽ ۾ شامل آهي.
جاري ڪيل بيان ۾ شيري رحمان چيو ته هلندڙ سال جون ۾ ال نينو سامونڊي لاڙي جي واپسي بابت اڳڪٿي سندن مقامي اڳڪٿين سان ملي ٿي.
هن چيو ته ال نينو سامونڊي لاڙي جي واپسي سان دنيا ۾ سخت ماحولياتي واقعا پيش اچي ٿي سگهن ٿا، جنهن ۾ معمول کان وڌيڪ برساتون، ٻوڏ، سوڪهڙو، خوراڪ جي کوٽ شامل آهي.
شيري رحمان چيو ته ويهن ملڪن ۾ آمريڪا، ترڪي، ايران ۽ ٻيا ملڪ به شامل آهن، ٻن ورهين دوران ال نينو سامونڊي لاڙي جي ٽيون ڀيرو واپسي ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي، کين سخت ماحولياتي واقعن کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار رهڻو پوندو.
وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ 5 مئي تائين برساتن سبب موسميات کاتي ۽ اين ڊي ايم اي خدشي جو اظهار ڪيو آهي.
شيري رحمان چيو ته حڪومت لاڳاپيل ادارن، عوام ۽ آبادگارن کي احتياطي اپاءَ اختيار ڪرڻ ۽ الرٽ رهڻ جي هدايت جاري ڪئي آهي.