ڪيٿولڪ عيسائين جي روحاني پيشوا پوپ فرانسس جو چوڻ آهي ته هم جنس پرستي جرم ناهي، هم جنس پرستن کي چرچ ۾ ڀليڪار چئون ٿا.
غيرمُلڪي نيوز ايجنسي کي انٽرويو ڏيندي پوپ فرانسس چيو ته هم جنس پرستي ڏوهه ناهي ۽ ان جي خلاف قانون غيرمنصفاڻه آهن.
پوپ فرانسس وڌيڪ چيو ته هم جنس پرستن کي چرچ ۾ ڀليڪار ڪنداسين، گرجا گهرن کي هم جنس پرستن جي خلاف قانون جي خاتمي لاءِ اڳتي اچڻو پوندو.
هن چيو ته خدا پنهنجي تمام ٻارن سان پيار ڪندو آهي، هم جنس پرستن جي خلاف ڪنهن به امتيازي قانونسازي جي مخالفت ڪنداسين.
ڪيٿولڪ عيسائين جي روحاني پيشوا جو چوڻ هو ته هم جنس پرستي بابت جرم ۽ گناهه جي درميان فرق ڪرڻ جي ضرورت آهي.