جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته هن وقت ملڪ ۾ سياسي، معاشي ۽ آئيني بحران آهي، ملڪ جي مفاد ۾ سڀني کي پنهنجي موقف کان پوئتي هٽڻو پوندو.
لاهور ۾ عيد الفطر جي نماز ادا ڪرڻ کانپوءِ سراج الحق ميڊيا سان ڳالهائيندي سموري قوم ۽ دنيا جي مسلمانن کي عيد جون واڌايون ڏنيون.
ان موقعي تي سراج الحق چيو ته هن وقت ملڪ ۾ سياسي، معاشي ۽ آئيني بحران آهي، سندن موقف آهي ته ملڪ ۾ هڪ ئي ڏينهن چونڊون ٿين.
هن چيو ته اليڪشن ڪنهن هڪ اڳواڻ يا پارٽي جي چوڻ تي نه ٿيندي، جيڪڏهن هڪ صوبي ۾ اليڪشن ٿي ته نتيجا ڪير به نه مڃيندو.
سندس چوڻ هو ته هن شهباز شريف ۽ عمران خان سان ملاقات ڪئي آهي، ٻئي ڇاهين ٿا ته ملڪ ڏکين حالتن مان نڪري.
سراج الحق چيو ته ملڪ جي مفاد خاطر سڀني کي پنهنجي پنهنجي موقف کان پوئتي هٽڻو پوندو، چونڊن جي اهڙي تاريخ ڏني وڃي جنهن تي سڀ متفق هجن.
حڪومت نئين مالي سال جي بجيٽ پيش، سرڪاري ملازمن جي پگهار ۾ 35 کان 30 سيڪڙو واڌ
حڪومت نئين مالي سال 24-2023ع جي وفاقي بجيٽ پيش ڪري ڇڏي، سرڪاري ملازمن جي پگهار ۾ 35 کان 30 سيڪڙو...