مسلم ليگ ن جي چيف آرگنائزر مريم نواز سوشل ميڊيا تيي زمان پارڪ ۾ پوليس جي آپريشن جي ويڊيو شيئر ڪري ڇڏي.
ٽوئٽر تي هڪ پوسٽ ۾ مريم نواز لکيو ته هي سياسي ڪارڪن ناهن تربيت يافته دهشتگرد ۽ پابندي مڙهيل تنظيمن مان ڀرتي ڪيل شرپسند آهن ويڊيوز کي ويجهو کان ڏسي حقيقت کي نظرانداز ڪرڻ مشڪل آهي.
مريم نواز چيو ته هي اُهي دهشتگرد ۽ پابندي مڙهيل تنظيمن جا شرپسند آهن جن جي عمران خان هميشه حمايت ڪئي آهي.
مريم نواز وڌيڪ چيو ته ثبوت پاڻ ڳالهائيندو آهي ان کان پهريان جو دير ٿي وڃي رياست کي ڪارروائي ڪرڻ گهرجي.