وائرل وڊيو تي تنقيد جو نشانو بڻجڻ بعد اداڪارا پريتي زنٽا ڪاوڙجي پئي.
بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا پريتي زنٽا تنقيد تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هر ڳالهه تي سيليبرٽيز جي ڪردار ڪشي واري عادت ڇڏي ڏيو ۽ راءِ قائم ڪرڻ کان اڳ تصوير جو ٻيو رخ به ڏسو.
گذريل ڏينهن پريتي زنٽا جي هڪ وڊيو وائرل ٿي هئي جنهن ۾ هن هڪ معذور پينو فقير سان گڏ مبينا نامناسب رويو اختيار ڪيو جنهن تي مٿس شديد تنقيد ٿي رهي آهي.
اداڪارا پريتي زنٽا پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تان واقعي جا تفصيل ٻڌائيندي چيو ته هلندڙ هفتي پيش آيل ٻن واقعن کيس حيران ڪري ڇڏيو آهي.
هن پهرين واقعي ۾ ٻڌايو ته اهو سندس ڌيءُ بابت آهي، جڏهن هڪ عورت سندس ڌيءُ جي تصوير ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي، جنهن تان کيس روڪيو ۽ پوءِ هوءَ نه مڙهي، ڌيءُ کي زور سان پڪڙي منهن تي چمي ڏني ۽ پوءِ اتان هلي وئي، هوءَ هڪ مشهور شخصيت هجڻ سبب ان تي جوابي رد عمل نه ڏنو.
اداڪار پريتي زنٽا ٻئي واقعي بابت ٻڌايو ته هڪ معذور پينو فقير پئسا گهري رهيو هو، هوءَ اڪثر ان معذور کي پئسا ڏيندي هئي پر ان وقت هن وٽ پئسا موجود نه هئا، هن معذور کي چيو ته اڄ وٽ رڳو ڪريڊٽ ڪارڊ آهي جنهن تي ساڻس گڏ هڪ عورت کيس پئسا ڏئي ڇڏيا.
هن وڌيڪ چيو ته ان معذور شخص عورت جي طرفان واپس پئسا اڇلائي ڇڏيا ڇو ته اهي گهڻا نه هئا ۽ پوءِ ڪاوڙ ڏيکاريندي سندس گاڏي جو پيڇو ڪرڻ لڳو.
اداڪارا فوٽو گرافر تي به تنقيد ڪندي لکيو ته ڪنهن به ان پينو فقير کي نه روڪيو ۽ مذاق اڏائيندا رهيا.