پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته والاريل ڪشمير تي پاڪستان جي پاليسي ۾ ڪا به تبديلي ناهي آئي، سندن موقف پختو ۽ واضح آهي، پاڪستان ڀارت سان بهتر لاڳاپا چاهي ٿو پر ڀارت کي ڳالهين لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻو پوندو، 5 آگسٽ 2019ع وارن ڀارتي قدمن حالتون تبديل ڪري ڇڏيون، اميد ته ڀارت راندين واري معاملي تي خراب فيصلا نه ڪندو، سفارتي اختلافن سبب راندين کي متاثر نه ڪرڻ گهرجي.
گوا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اجلاس جي موقعي تي مختلف پرڏيهي وزيرن سان ملاقات ٿي، هڪ کانسواءِ سمورن هم منصبن سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون.
هن چيو ته پيپلزپارٽيءَ جو سدائين موقف رهيو آهي ته ڀارت سان لاڳاپا معمول تي آندو وڃن، پر والاريل ڪشمير بابت ڀارت جي هڪ طرفي فيصلي صورتحال تبديل ڪري ڇڏيو.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 5 آگسٽ 2019ع تي ڀارت نه رڳو عالمي قانونن جي پر گڏيل قومن جي سڪيورٽي ڪائونسل جي ٺهرائن جي به ڀڃڪڙي ڪئي.
پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت پنهنجن غير ذميوراڻن قدمن سان اهڙيون حالتون پيدا ڪيون، جنهن سان صورتحال تبديل ٿي وئي، ڳالهين لاءِ ڀارت کي سازگاز ماحول پيدا ڪرڻو پوندو ۽ 5 آگسٽ 2019ع وارا قدم واپس وٺڻا پوندا.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته والاريل ڪشمير تي پاڪستان جي پاليسي ۾ ڪا به تبديلي ناهي آئي، سندن موقف پختو ۽ واضح آهي.
پرڏيهي وزير چيو ته ڪانفرنس ڪنهن به هنڌ ائين نه لڳو ته پاڪ ڀارت اختلافن سبب فورم تي اثر پيو هجي، ڀارت جي عوام ۽ ميڊيا جو جيڪو به موقف هجي پر هو بهتر لاڳاپا چاهن ٿا.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هن ڪوشش ڪئي ته سندن ڏسڻ جي سگهه کان محروم رانديگرن جي ڪرڪيٽ ٽيم ڀارت وڃي پر کين ويزا نه ملي، اميد ته ڀارت راندين واري معاملي تي خراب فيصلا نه ڪندو، سفارتي اختلافن سبب راندين کي متاثر نه ڪرڻ گهرجي.
پرڏيهي وزير چيو ته جهڙيءَ ريت سندس اچڻ کي ڪور ڪيو ويو ان مان ظاهر ٿو ٿئي ته پاڪستان جي اهميت وڌيڪ آهي، ڀارتي پرڏيهي وزير ۽ هن هڪ ئي طريقي سان هڪٻئي سلام ڪيو، اها سندس لاءِ خوشيءَ جي ڳالهه، کيس ڀارتي هم منصب سان آن ڪيمرا هٿ ملائڻ ۾ ڪو به مسئلو ناهي.