والاريل ڪشمير ۾ مودي حڪومت سرينگر جي تاريخي جامع مسجد ۾ عيد الفطر جي نماز کان روڪي ڇڏيو.
ڪشمير ميڊيا سروس موجب ماڻهن کي علائقي جي عظيم مسجد ۾ نماز جي ادائيگي کان روڪڻ لاءِ شهر جي علائقن ۾ ڀارتي فوجي دستا، نيم فوجي دستا ۽ پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا.
ڀارتي فوج فخر جي نماز وقت مسجد انتظاميا کي عيد جي نماز جي اجتماع تي پابندي جي غير قانوني فيصلي کان آگاهه ڪيو، جنهن تي نمازين سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ گو انڊيا گو جا نعرا هنيا.
سرينگر جي تاريخي مسجد جي انتظاميا عيدالفطر جي نماز صبح نائين وڳي ادا ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، پر مودي نواز حڪومت اجازت ڏيڻ کان انڪار ڪيو.