تازه ترين

وزيراعظم اڄ ملائيشيا جي دوري تي روانو ٿيندو

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف ملائيشيا جي وزيراعظم انور ابراهيم جي دعوت تي اڄ 3 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي ملائيشيا روانو ٿيندو. پرڏيهي آفيس پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي 3 ڏينهن جي سرڪاري دوري دوران پنهنجي ملائيشيائي هم منصب سان ٻطرفي ڳالهيون ڪندو، جنهن ۾ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٻئي اڳواڻ واپار، اطلاعات ۽ مواصلات، آئي ٽي ۽ ٽيليڪام، حلال صنعت، سيڙپڪاري، تعليم، توانائي، انفراسٽرڪچر، ڊجيٽل معيشت ۽ عوامي رابطن سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ جي امڪانن تي غور ڪندا. پرڏيهي آفيس موجب، دوري دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ موجوده ۽ نون شعبن ۾ سهڪار بابت معاهدن ۽ مفاهمت جي ياداشتن (ايم او يوز) تي صحيحن جا امڪان پڻ آهن. بيان ۾ چيو ويو آهي ته هي دورو پاڪستان ۽ ملائيشيا جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي ٻنهي ملڪن جي عزم جو ورجاءُ  ٿو ڪري ته اهي امن، استحڪام، واپار ۽ سيڙپڪاري ۽ پائيدار ترقي کي فروغ ڏيڻ لاءِ گڏجي ڪم ڪندا رهندا. وزيراعظم شهباز شريف جو ملائيشيا جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي ۽ تعاون جي مضبوط بنيادن کي وڌيڪ مضبوط ۽ وسيع ڪندو…………
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
11.2 ° C
11.2 °
11.2 °
12 %
0.3kmh
100 %
سُومر
11 °
اڱارو
20 °
اربع
20 °
خميس
20 °
جمعو
18 °

تازه ترين خبرون