تازه ترين
غزا ۾ اسرائيلي فوج جي دهشتگرد ڪاررواين ۾ وڌيڪ 80 فلسطيني شهيد آمريڪا جي ايران جي بئلسٽڪ ميزائل پروگرام تي نيون پابنديون مڙهي ڇڏيون ملڪ جي اڪثر حصن ۾ اڄ کان 20 مئي تائين هيٽ ويو رهڻ جو امڪان آهي. پاڪستان پيپلزپارٽيءَ خيبرپختونخوا ۾ 16 هزار سرڪاري ملازمن جي برطرفي، سرڪاري ادارن ۾ ڪرپشن ۽ امن امان... پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار غزه ۾ اسرائيلي ڪاررواين جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي ڏکڻ غزه جي علائقي خان يونس تي اسرائيل جي بدترين حملي ۾ 28 فلسطيني شهيد ۽ 70 کان وڌيڪ زخمي ڪستان ۽ امريڪا ۾ جنگ بندي نازڪ آهي، امريڪي مداخلت سبب پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ گھٽ ٿي:رضوان سعيد شيخ غزه تي اسرائيل جي وحشياڻي بمباري جو سلسلو هلندڙ آهي، عرب ميڊيا موجب، تازن حملن ۾ ٻارن سميت 23 فلسطين... روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ ٽن ڏينهن واري جنگ بندي ختم ٿي وئي، روسي صدر پيوٽن يوڪرين کي سڌيءَ ريت ڳالهيون ش... وزيراعظم شهباز شريف ڀارتي اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ ۽ آپريشن بـُنيان المرصوص جي ڪاميابي تي اڄ سڄي ...

وزيراعظم جو چين جو دورو انتهائي ڪامياب رهيو، 32 معاهدن تي صحيحون ٿيون: وفاقي وزير عطا تارڙ

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته پاڪ چين دوستيءَ ۾ رنڊڪ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، پاڪستان ۾ امن ۽ ترقي ملڪ دشمنن کي هضم نه پئي ٿئي، دشمنن جا ڪـُـڌا ارادا ڪامياب ٿيڻ نه ڏنا ويندا.

اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عطا تارڙ چيو ته وزيراعظم جو چين جو دورو انتهائي ڪامياب رهيو، 32 معاهدن تي صحيحون ٿيون، شهبازشريف جي صدر شي جن پنگ سان سوا ٽي ڪلاڪ ملاقات جاري رهي.

هن چيو ته چيني قيادت سي پيڪ کي اپگريڊ ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي، ان سلسلي ۾ معاملا تيزيءَ سان اڳتي وڌي رهيا آهن، اپگريڊيشن سان ٻنهي ملڪن کي فائدو ٿيندو.

وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم چيني قيادت سان هر گڏجاڻيءَ ۾ ڪراچي سرڪلر ريلوي جو ذڪر ڪيو، مين لائن ون تي ورڪنگ ڪميٽي جوڙي وئي آهي.

هن چيو ته پاڪستان جي آءِ ٽي ايڪسپورٽ ۾ اضافو ۽ ڪرنٽ اڪائونٽ خساري ۾ گهٽتائي ٿي آهي، ناڻي ذخيرا به وڌيا آهن.

عطا تارڙ چيو ته پاڪ چين دوستي سندن رت ۾ شامل آهن، جنهن ۾ رنڊڪ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، امن ۽ ترقي ملڪ دشمنن کي هضم نه پئي ٿئي، دشمنن جا ڪـُـڌا ارادا ڪامياب ٿيڻ نه ڏنا ويندا.

سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ چيني شهرين جو تحفظ يقيني بنايو ويندو، ڪو به پاڪ چين لاڳاپن کي نقصان نه ٿو پهچائي سگهي، چين جا سڪيورٽي خدشا ختم ڪرڻ ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي، وزيراعظم سان آرمي چيف جو چين وڃڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي.

عطا تارڙ چيو ته پاڪستان جا دشمن سياسي عدم استحڪام ۽ دهشتگردي کي هٿي ڏيڻ چاهن ٿا، هڪ نام نهاد ليڊر عالمي سطح تي ملڪ کي اڪيلائيءَ جو شڪار ڪيو

لاڳاپيل خبرون

[td_block_social_counter facebook="sindhtvnews" twitter="sindhtvnews247" youtube="channel/UCcZP1mxc96qY2KvU87XGg7w" style="style8 td-social-boxed td-social-font-icons" tdc_css="eyJhbGwiOnsiY29udGVudC1oLWFsaWduIjoiY29udGVudC1ob3Jpei1jZW50ZXIiLCJkaXNwbGF5IjoiIn19" open_in_new_window="y" title_tag="h2" block_template_id="td_block_template_2" instagram="sindhtvnews" tiktok="@sindhtvnewsofficial" manual_count_facebook="1523504" manual_count_instagram="48,882"]
Pakistan
clear sky
23.6 ° C
23.6 °
23.6 °
25 %
5.3kmh
0 %
جمعو
34 °
ڇنڇر
35 °
آچر
35 °
سُومر
34 °
اڱارو
34 °

تازه ترين خبرون