وزيراعظم شهبازشريف، برسات جي صورتحال تي وفاقي ۽ صوبائي ادارن کي الرٽ رهڻ توڙي شهرين جي مدد لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي.
وزيراعظم شهبازشريف اين ڊي ايم اي ۽ پي ڊي ايم ايز کي صورتحال جي نگران ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته وفاقي ادارا صوبائي حڪومتن ۽ کاتن سان گڏجي ڪم ڪن.
هن چيو ته جتي جنهن شيءِ جي ضرورت آهي تي عوام جي تحفظ ۽ مدد لاءِ فراهم ڪئي وڃي، ضرورت پوڻ تي عوام کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪيو وڃي.
وزيراعظم چيو ته لسٻيلي ۾ ڪوئيٽا ڪراچي شاهراهه ۽ بولا ۾ ڪوئيٽا سبي شاهراهه تي ٽريفڪ جي رواني ۽ عوام جي سهولت لاءِ اثرائتا قدم کنيا وڃن.
شهبازشريف چيو ته عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ پهرين ترجيح آهي، برسات جي صورتحال ۾ شهري خدمت جا سمورا کاتا الرٽ رهن.